روح جا ريلا

روح جا ريلا

روح جا ريلا

روح جا ريلا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور ڏاهي قومپرست اڳواڻ ۽ اديب عبدالواحد آريسر جو لکيل آهي، جنهن ۾ سندس مختلف موضوعن تي مضمون شامل آهن، اهي مضمون روزاني ’برسات‘ ۾ ’روح جا ريلا‘ عنوان هيٺ ڇپبا رهيا هئا. هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ۽ ڊائريءَ جا ٽڪر، 1994ع جا لکيل آهن، جن ۾ ملڪي حالتن هيٺ سنڌين سان اختيار ڪيل روين، ناانصافين، ڀاڙيتو اديبن ۽ مذهبي انتشار بابت لکيو ويو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ ليکڪ ’منهنجي لکڻ جي اڻپوري ڪهاڻي‘ عنوان هيٺ پنهنجي تعليمي، ادبي، سياسي ۽ ذاتي زندگيءَ بابت ڄاڻ ڏني آهي.
چار رنگي ٽائيٽل سان 177 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز وارو هي ڪتاب، نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد 1999ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 70 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو